سدا گلاب 2

سدا گلاب 2

سدا گلاب 2

سدا گلاب (ڪتاب): هي ڪتاب، سنڌ جي نامور عالم ۽ اديب لالچند امرڏنيمل جڳتياڻيءَ جا نثري نظم/ شاعراڻا ويچار آهن، جن بابت هُو خود مهاڳ ۾ لکي ٿو ته، ”مون هي سدا گلاب، ٿورڙا بابو رويءَ (ٽئگور) جي ’باغبان‘ (Gardner) تان وٺي، ۽ ٿورڙا اُنهن جي اوٽ تي پنهنجي سر سر جي، گهڻيءَ سڪ ۽ پيار سان سنڌي ساهت جي چمن ۾ هن لاءِ لڳايا، جو مون کي پڪ هئي، ته سنڌي زبان جي زمين هونئن جيتوڻيڪ ڪلراٺي، ته به نَرَ صوفين جي شعر جا اُتس گجگاه ٻيلا پيا جهولن، انهيءَ ڪري هي سدا گلاب اُنهيءَ چمن کي رونق چڱي وٺائيندا.“
هي شاعراڻا خيال، ٽئگور جي ’گيتانجلي‘، ’باغبان‘ وغيره جي طرز تي لکيل ابتدائي سنڌي نثري نظم جا نمونا آهن.
ڪرائون سائيز جي 86 صفحن جي هن ڪتاب ۾، 89 نثري ويچار سمايل آهن، جيڪو ڪتاب بلئوٽسڪي پريس، حيدرآباد مان، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ ڇپايو ۽ لعلچند امرڏنيمل 41-1940ع ڌاري خود پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو